ٻلي، بوئيجا ٽرائيگوناٽا

ٻلي، بوئيجا ٽرائيگوناٽا

ٻلي (نانگ)

ٻِلي، بوئيجا ٽرائيگوناٽاCommon Indian Cat Snake /Boiga trigonata /: هڪ بلا. گجراتيءَ ۾ هن بلا کي ’ڪَوڙيو سانپ‘ چون ٿا. هن مهل تائين وڏي ۾ وڏي بلا 965 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. مادي نَر جي ڀيٽ ۾ وڏي ٿيندي آهي جيڪا 1170 ملي ميٽر رڪارڊ ٿي آهي. هي ننڍڙيون بلائون وڻن تي رهنديون آهن، رات باش ٿين ٿيون. پکي، آنا، ڪِرڙيون ۽ جيت جڻا انهن جي خوراڪ آهي. وڻن تي ٽارين ۾ پنن اندر لڪي ويهنديون آهن. انهن جو رنگ وڻن جي ٽارين جهڙو ڀورو ۽ چِٽن وارو ٿئي ٿو، جنهنڪري اکين کان اوجهل رهن ٿيون. هي بلائون خطري وقت زوردار حملو ڪنديون آهن ۽ بلڪل غير زهريليون آهن .
بوئيجا ٽرائيگوناٽا جو جسم هلڪو ڀورو پاسن کان هلڪو ميٽائون ٿي ويندو آهي. پُٺيءَ طرف 40 کان 50 هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ڪنارين واريون آڏيون ترڇيون پٽيون هونديون اٿس، جيڪي جسم جي اڳئين حصي ۾ نمايان ۽ پوئتي گهٽ نمايان ٿينديون وڃن ٿيون. پيٽ ميٽائون اڇو هوندو اٿس، جنهن تي گـهري ڀوري ۽ ڪاري رنگ جا ننڍا چِٽ ٿين ٿا. مٿي تي به ساڳي نموني جا نشان اٿس .
بوئيجا بلائن جو مٿو ويڪرو، ۽ ڳچيءَ کان ڪافي نمايان ٿئي ٿو. وڏيون اکيون، اک جي پُتلي عمودي ۽ سنهي هئڻ ڪري ٻليءَ جي اکين جهڙي لڳندي آهي. ان ئي نسبت سان هن نانگ کي ’Cat Snake ‘ چوندا آهن. ان جو جسم ٻنهي پاسن کان چپٿرو ٿئي ٿو، ڇلر مستطيل جهڙا ڊگها، پٺيءَ تي ڇلرن جي قطار وڏن ڇلرن تي مشتمل آهي. اهي 3 کان 11 آنا مئي کان جُون ۾ وڻن جي پورن ۾ ڏينديون آهن. جون ۽ جولاءِ ۾ ٻچا ڦُٽندا آهن .
بوئيجا ٽرائيگوناٽا بنگلا ديش کان سري لنڪا هندستان پاڪستان ۽ ڪيسپين سمنڊ تائين پکڙيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو


نانگ بلائون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصيل
اجگر
ٻلي (نانگ)
نانگ بلائون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون